جِهرڪُ (پکي)

جِهرڪُ (پکي)

جِهرڪُ3 (پکي)

جِهرڪُ3 (پکي) (Sparrow/ Passer): جهرڪ هڪ عام ننڍو پکي آهي، جنهن جي مادي ”جهرڪي“ سڏبي آهي. هيءُ پکي عام طور گهرن جي ڇتين ۾ ڳڙک ڪري آکيرا ٺاهيندو آهي يا وڻن جي ٽارين ۽ پنن ۾ پاڻ کي لڪائي رات گذاريندو آهي. هي پکي اڪثر گهرن ۽ وڻن ۾ آکيرا جوڙي ريهندو آهي.
سنڌ ۾ عام طرح جيڪو جهرڪ ملي ٿو، اُن جي نَر جو رنگ مٿان اخروٽي ڳاڙھو (ڇوڏي جي رنگ جهڙو) ٿئي ٿو، جنھن تي گھرا کنڀ ھوندا آھن. جهرڪ چھنب ڪاري، مٿو سرمائي، ڳچي گهاٽي سرمائي ڪاري ٿيندي آهي، جنهن کي اڇڙي ڪالر ٿيندي آهي. جهرڪ جي پيٽ جا کنڀ ھلڪا ميرانجھا ٿين ٿا. جڏهن ته جهرڪيءَ جي پٺي ڀُوري ۽ ناسي دڙڳ دڙڳ ھوندي آھي. دنيا ۾ جهرڪ/جهرڪين
جا 40 کن قسم آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو